اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي ??ي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جي??ي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موق??ي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لا??ِ دعاڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ ر??ايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موق??ي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.