لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستا?? جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم ??ي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيد?? جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستا?? جي شهيد?? جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ??ريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انهن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ??رڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچ?? ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.