لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علام?? سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آئين شڪني جون ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ور??ي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي ??اضح ??فظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي ??بضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.