اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آء?? جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کا?? وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مجرماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ??الر گرانٽ، 484 ملين ??الر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي ب??وجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آء?? جي حڪومت توانائي کا?? وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ د??ر ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.