اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پارليا??ين?? ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليا??ين?? آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکن??ڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليا??ين?? جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليا??ين?? ٺهي ويندي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليا??ين?? جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پارليا??ين?? جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ??ن موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليا??ين?? ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليا??ين?? آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پارليا??ين?? جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.