اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي ??ٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وز??را??ظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??را??ظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وز??را??ظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرما??ي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.