اسلام آب??د ?? 11 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاٽا کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ب??ابر آڻڻ لاءِ ان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ نئين ضم ٿيل ضلعي ??ي واپاري ب??ادري کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن ۽ عالمي مالياتي ب??ران جي ب??وجود پاڪستان ڪووڊ – 19 ??ي وبا دوران ڪاروباري ب??ادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو، صدر اهڙن خيالن جو اظهار باجو?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي سي آءِ ??ي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ باجو?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر لالي شاهه، نائب صدر معراج الدين خان، ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، وفد صدر کي ب??جوڙ ضلعي ??ي واپاري ب??ادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته باجوڙ ??ي واپاري ب??ادري کي ڪمرشل بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ افغانستان سان واپاري پوائنٽ کولڻ تي به زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته واپاري ب??ادري کي حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن کان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوان ڪاروباري ماڻهو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن واپارين کي جديد ڪاروباري طريقن کي اختيار ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان گڏوگڏ انهن جي ڪاروبار جي پهچ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر واپاري ب??ادري کي اهو به چيو ته هو باجوڙ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ??ي وزارت پاران شروع ڪيل آن لائن اسڪل ڊولپمينٽ جي ڊي جي اسڪلز پروگرام مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ مدد ڪن، صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن تائين پهچ جي خاطري به ڪرائي.