اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊ?? ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقت??اد??، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهوريه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيل??س انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهوريه ڪانگو جي پرڏيهي وزير ڪر??ٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪر??ار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهوريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪر??ار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊ?? ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.