لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پن??اب جي وڏي وزير ع??مان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پن??اب جي وڏي وزير سردار ع??مان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن ام??ن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پن??اب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پن??اب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.