اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ موثر ميڊيا ڪميونيڪيشن حڪمت عملي جوڙي و??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير جو اطلاعات بابت خاص مددگار حسان خاور ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات بابت خاص مددگار بئريسٽر سيف ??لي به م??جود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ موثر ميڊيا ڪميونيڪيشن حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي .