اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صح?? ڪارڊ جي فراهمي ک?? موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي ??يو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد ک?? موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صح?? ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي واري وزير تيمو?? سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صح?? ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ??ري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي ک?? موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صح?? ڪارڊ جي فراهمي ک?? موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي ??يو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهم?? موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن ??يو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري سهولتون نه رڳو اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن ??يو ته صح?? ڪارڊ قدم جي ??ري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صح?? ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صح?? ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ??ري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ک?? موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.