اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اميد آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس وانگر پي ٽي آءِ کي به ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس تائين پهچ ملندي، 5 سالن کان اسڪروٽني ڪميٽي ۾ فنڊنگ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پر ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڪارڊ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيون آهن، ال??ڪشن ڪميشن کي نوٽسز ئي جاري ڪرڻا آهن ته پوءِ مريم، فضل الرحمان سميت سڀني جي تقريرن جو متن گهرائي وٺي، نااهل نواز شريف وانگر ?? ليگ ان ڪيس ۾ ڪو جعلي قطري خط پيش ڪري ڇڏ??. ا??يڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 19 اهڙا اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن جو گوشواران ۾ ذڪر ناهي، نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي ملازمن، پاپڙ وارن، فالوده وارن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي، ايئن ئي ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن لاءِ ??ستعمال ڪيو ويو، هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر کي پي ٽي آءِ ??ي اڪائونٽس تائين چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ فنانشل ايڪسپريٽس جي پهچ جو فيصلو ڏنو هو، ان تي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، 5 سال گذري ويا، ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڪائونٽس بابت 16 صحفي به جمع نه ڪري سگهيون، هن چيو ته شڪر آهي ته اڄ مخالف ڌر کي به ال??ڪشن ڪميشن جي ياد اچي وئي، اسان کي اميد هئي ته اهي ٻئي پارٽيون فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پيش ٿينديون، ٺپا مافيا ڌانڌلي کي جاري رکڻ جي لاءِ ??ي وي ايم جي مخالفت ڪري رهي آهي، هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن جو آئيني اداري طور احترام آهي، ال??ڪشن ايڪٽ جي شق 218 موجب صاف ۽ شفاف ال??ڪشن به ال??ڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رهيون، 3، 3 ڀيرا وارا لڳايا پر شفاف ال??ڪشن لاءِ هڪ سڌارو به نه ڪيو، حڪومت چونڊ سڌارا آڻي رهي آهي، مخالف ڌر اي وي ايم کي ڏسڻ کانسواءِ ??د ڪيو، هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن جي اي وي ايم تي پهريون ٽيڪنيڪي اجلاس 8 سيپٽمبر ۽ ٻيو 15 سيپٽمبر تي هو پر ڪجهه اعتراض پهرين اچي ويا، ال??ڪشن ڪميشن جن اعتراضن جو ذڪر ڪيو، اهي ته موجوده نظام ۾ به آهن، 27 اعتراض ته صلاحيت بابت آهن، هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن جي آفيشل اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ، رات جو دير سان ڊسڪه ال??ڪشن جو نوٽس، سينيٽ چونڊن کان اڳ گيلاني وڊيو تي درخواست جي باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ اي سي پي جُون پريس رليزُون به جاري ٿين ٿيون، هن چيو ته مخالف ڌر اڄ تائين چونڊ سڌارن تي سواءِ ??وئڻ پٽڻ کان ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته ال??ڪشن ايڪٽ جي شق 94 ۾ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق آهي، ان لاءِ ??ليڪش ڪميشن ڪهڙا قدم کنيا، هن چيو ته پي ايم ڊي اي ڪنهن جي ذات لاءِ نه پر ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ ??هي، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق آهي، مس انفارميشن جي ترديد يا وضاحت ممڪن آهي، ڊس انفارميشن ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندي آهي.