اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان اعليٰ ??عليم جي فروغ ل??ءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ ??عليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي ل??ءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ ??عليم جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابند?? واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي ل??ءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ ??عليم جي فروغ ل??ءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي ل??ءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ ??عليم جي فروغ ل??ءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وز??را??ظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ ??عليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ ??عليم جي فروغ جي ل??ءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪ??ڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??را??ظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.