اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اي سي او ڪانفرنس خطي جي ڳانڍاپي ۽ پ??رلياماني سفارتڪاري لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪندي، جيڪڏهن يورپي ملڪ گڏجي يورپي يونين ٺاهي سگهن ٿا ته اسان ڇو نه؟ خطي جا سمورا ملڪ گڏجي غربت، بيروزگاري، سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون. هو اي سي او ملڪن جي ٻي پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.