اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب رو??ين جي وصولي تي قومي ا??تساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع بابت نيب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪ??يت??ن مليون، ان دوران گذريل سال جي شڪ??يت?? سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪ??يت??ن اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪ??يت?? جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته سال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب رو??ين جي رڪوري ڪرڻ تي نيب جي واکاڻ ڪئي.