مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهم??د ڊيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي جاري ڪم ??و جائزو ??رتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهم??د ڊيم جو سنگ بنياد وزيراعظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهم??د ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهم??د ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.