اسلام آباد – 18 – مارچ (اي ??ي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سينيٽر شبلي فراز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيرا??ظم پاران چونڊ سڌارن لاءِ لکيل خط تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر ڳالهائيندي چيو ته آئيني ۽ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن. پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني ??ڳواڻن سان مشاورت ڪئي ويندي. سينيٽ چونڊن ۾ ٿيل واقعن سان ملڪي سياست کي نقصان پهتو آهي.