اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربراهي ۾ اقليتي برادري جي وفد ملاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ خليل جارج، ??رد??ر رنجيت سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي ??رپ??ش آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. ??رد??ر رنجيت سنگهه چيو ته ڪرتارپور ل??گهه کولڻ تي سک برادري پاڪستان جي حڪومت جي تمام گ??ڻي ٿورائتي آهي.