اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو ??وشن ڪن??ڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، با??لا??يت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي ??لا??يتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ??لا??يتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪن??ا وي??دا?? اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو ??اري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪن??ي نالو پيدا ڪن??ڙ صحافين، ليکڪن، مصنفين، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.