اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي ??عبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لا??ِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آ??يس پاران سوشل ميڊيا تي ??اري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مر??ي جي گهر تي ??ڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مر??ي جي گهر تي ??ڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي ??عبي جي لا??ِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي ??عبي سان واڳيل آهي.