اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي عام ماڻهن کي گهر جي چائنٺ تي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سي?? طاهر شهباز سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفاقي محتسب سي?? طاهر شهباز صدر کي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو.