اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ??ي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلا?? معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن ??ڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ تي اجتماعي ??رب??ني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي و?? کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عيدالفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن ??ي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي و??و آهي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن ??ا خدشا ظاهر ڪيا پئي و??ا. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي ??رب??نين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي و??نداسين.