اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل ??لا??قن ۾ ترقي جي حو??لي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خيبرپختونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا جي ??لا??قن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سن??س دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن سان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قرباني??ن ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قرباني??ن ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي ??لا??قن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ م??لي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.