اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعميراتي صنعت بابت مينوفيڪ??رن?? يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ??ينهن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي ??ي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميراتي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪ??رن?? يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعميراتي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪ??رن?? يونٽس کي کوليو ويندو.