اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمو??ين زميني رستن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ه?? ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هيلٿ واري وفاقي سيڪ??يٽ??ي سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا، اجل??س ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.