لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل آهن، م??يحي بر??در?? جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪن??ي وفاقي وزير چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن ??نهن ??ي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پورو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مسيحي بر??در?? جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪن??س. مسيحي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ياد آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير مسيحي
بر??در?? جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، م??مت ۽ رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
بر??در?? کي مبارڪون ڏنيون.