اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي ??راب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي ??هاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي ??لاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي ??زا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ??يو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي ??ياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.