اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس جي گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ سمورن ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه وڊيو لِنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. جاري پريس رليز موجب اهو اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ ڪيسن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڏايو ويو هو. اجلاس ۾ ڪيسن جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ ع??ال??ي ڪارڪردگي کي وڌائڻ وارن قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. رجسٽرار سپريم ڪورٽ ڪيس لوڊ جو جائزو فراهم ڪيو ۽ ڪيسن جي وقت سر فيصلي طرف قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن تازا انگ اکر جاري ڪيا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت 59191 ڪيس التوا هيٺ آهن ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي تيار ڪيل ڪيس مئنجمينٽ ??لا?? 2023ع تي ٻَڌل هڪ مهيني جو نئون منصوب?? متعارف ڪرايو. ان منصوبي ۾ واضح معيارن جو تعين ڪرڻ، مختلف نوعيت وارن ڪيسن جو اثرائتي طريقي سان منظم ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جو استعمال شامل آهي. ڪيس مئنجمينٽ ??لا?? جو جائزو وٺندي ججن ??لا?? جي هدف کي ??اصل ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ماهوار ??لا?? موجب فوجداري ۽ ديواني ڪيس خصوصي 2 ۽ 3 رڪني بينچن کي مختص ڪيا ويا هئا ته جيئن ڪيسن کي ??لد کان جلد حل کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ججن نظام جي وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجا رايا ۽ سفارشون پيش ڪيون. جسٽس سيد منصور علي شاهه وڊيو لِنڪ ذريعي شرڪت ڪندي اضافي تجويزون پيش ڪيو جنهن جو مقصد ڪيس جي بيڪ لاگ کي گهٽائڻ ۽ شروعاتي طور تي هڪ مهيني لاءِ طريقيڪار جي ڪارڪردگي کي ??هتر بڻائڻ آهي ۽ ان بعد 3 ۽ 6 مهيني جا منصوبا شامل آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سمورن ججن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ڪيس مئنجمينٽ ??لا?? جي مڪمل عمل ڪرڻ سان مقرر هدفن کي ??اصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. 2 ڊسمبر 2024ع تي طئي ٿيل فل ڪورٽ گڏجاڻي جي ايندڙ سيشن ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويندو.