اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دن??ا ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينھن 24 آڪٽوبر تي ملھايو ويندو. اھو ڏينه?? پوليو ويڪسين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر جوناس سالڪ جي سالگره جي موقعي تي ملھايو ويندو آھي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) مطابق سڄي دن??ا ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ 99.9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي. پوليو جي عالمي ڏينھن جي ??نا??بت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ عام ماڻھو کي پوليو جي بيماري، تحفظ بابت آگاھي فراھم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڏورانھن ?? ڏکين علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز جي ڪوششن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويندو.