اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23 هون اجلاس اڱارو 15 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ واپار ۽ مع??شت تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اڳ ۾ ئي گادي واري هنڌ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي روشنين، گلن جي سجاوٽ ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن سان شهر جي رونق ٻيڻي ٿي وئي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چونڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي روشنين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چ??ن جي اسٽيٽ ڪائونسل جو وزيراعظم لي ڪيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ گادي واري هنڌ پهچي چڪو آهي، جتي هو پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻين اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرم??ن جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چ??ن جو وزيراعظم اسٽيٽ ڪائونسل چي چيانگ، بيلا روس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو، قازقستان جو وزيراعظم اولڙاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزير اعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن واري ??اب??نه جو چيئرمين ڙاپاروف اڪيل بيگڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا مبصر طور سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪر?? رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم ڪر?? رهيو آهي، ترڪمانستان جي نمائندگي خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ وزيرن واري ??اب??نه جو نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪر?? رهيو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين مهمانن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل جانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بيئنڪ يون??ن جو چيئرمين مارات ييلي بائيف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري لاءِ اهم ??نظيمي فيصلا ڪندا.