اسلام آباد – 07 – آڪ??وبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪ??وبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس ??ي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊ?? آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس ??ي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊ?? آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊ?? آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊ?? آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.