نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪستان جي مع??شي استحڪام کانپوءِ مع??شي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان مع??شي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آهي، پاڪستان جي مع??شي استحڪام کانپوءِ مع??شي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ مع??شي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، سفارتي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان مع??ونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خا?? طور تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا م??يا. وزيراعظم پوري حڪومتي مع??شي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي واري سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا م??يا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خا?? طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي و??ي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا م??يا.