اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪ??دي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ مختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگرد?? کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڪاررواين دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ ??وا???? کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ??وا??ن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکنداسين. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي.