اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۽ طلڪرم ۾ پ??اهگيرن جي ڪئمپن تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ ا??سا??ي جانين جو زيان ۽ شهري انفراسٽرڪچر جي وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيلي قابض فوج پاران فوج?? طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال عالمي ا??سا??ي قانونن ۽ بنيادي اصولن جي خل??ف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پ??اهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي ا??سا??ي قانون جي هڪ ٻي خل??ف ورزي آهي، اهو عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ ق??بل قبول عالمي رويي جي توهين کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان انهن حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ڪيا پيا وڃن. ترجمان چيو ته جارحيت جي ذريعي پائيدار امن جو رستو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي شهرين جي خل??ف وڌيڪ حملن کان روڪڻ، اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪري.