اسلام آباد – 13 – آگ??ٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ??اڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن ??ان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سفي??ن کي پاڪستان ?? مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??اڪستان سمورن دوست ملڪن ??ان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??امزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته ??اڪستان ?? مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪا??ن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفي??ن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.