اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هي??اٽ??ئيٽس سي جي خاتمي جي ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هي??اٽ??ئيٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت هي??اٽ??ئٽس جي ڪري درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، هي??اٽ??ئٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت پاڪستان جي هر شهري کي هي??اٽ??ئٽس سي جي لاءِ اسڪرين??گ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل هوندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ان بيماري کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ صح??مند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب هي??اٽ??ئٽس کان ??گا??ي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال هي??اٽ??ئٽس جي عالمي ڏينهن جو عنوان آهي ”هي عمل جو وقت آهي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هي??اٽ??ئٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هي??اٽ??ئٽس جي خاتمي جي حوالي س??ن قدمن ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي سڀني لاءِ صح??مند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي??اٽ??ئٽس هڪ خاموش وبا آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان جگر ۾ سوج پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ترت علاج نه ٿئي ته امڪاني طور شديد پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ آبادي جو وڏو حصو هي??اٽ??ئٽس سي انفيڪشن سبب متاثر آهي. عالمي سطح تي 60 ملين هي??اٽ??ئٽس سي ڪيسز مان 10 ملين متاثرن جا ڪيسز پاڪستان ۾ موجود آهن، خدشو آهي ته جيڪڏهن وائرل هي??اٽ??ئٽس جي روڪٿام ۽ خاتمي لاءِ ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان جگر جي ڪينسر جي وبا به ڏسي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان ??گا??ي مهم، ويڪسينيشن پروگرامز، جاچ ۽ علاج تائين بهتر پهچ لاءِ وائرل هي??اٽ??ئٽس کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي هي??اٽ??ئٽس جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻي آهي. جلد سڃاڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀني جي لاءِ سستو ۽ پهچ جوڳو علاج فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت سان منهنجي دور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ لور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪا اهم اڳڀرائي آهي. پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ هي??اٽ??ئٽس جي حوالي سان جديد فلٽر ڪلينڪس سان گڏوگڏ گڙدي ۽ جيري جي مريضن کي جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته حڪومت هي??اٽ??ئٽس جي ڪري درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان مون کي هڪ ملڪ گير مهم، جنهن جو مقصد هي??اٽ??ئٽس سي جو خاتمو آهي، جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اسان جو ڌيان جاچ ۽ علاج جي مرڪزن جي بهتري تي هوندو، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فراهم ٿيندڙ خدمتون اسان جي شهرين جي ضرورتن موجب هجن. وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي هر شهري کي هي??اٽ??ئٽس سي جي لاءِ اسڪرين??گ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل ٿيندي، ??ن قدم جو بنيادي مقصد ايڇ سي وي کان متاثر ماڻهن جي صح?? ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششن کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ ان بيماري جي ڪري فوتگين جي خدشن کي گهٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ”اچو، هي??اٽ??ئٽس جي هن عالمي ڏينهن تي، اسان هي??اٽ??ئٽس جي حوالي سان ??گا??ي، وائرل هي??اٽ??ئٽس کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ ان بيماري جي بار کان آزاد مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ متحد ٿيون، اسان سڀ گڏجي هڪ صح??مند ۽ خوشحال قوم بڻجي سگهون ٿا“.