اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب ??رڏ??هي آفيس جو چوڻ آهي ته اسان کي ايران جي نئين چو??ڊي?? صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي نظر سان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائ??ل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم استحڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقص??نڪ??ر آهن.