اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آ??ري??ن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت ٻين دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ فوج ۽ خيبر??خت??نخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آ??ري??ن دورا?? شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي محمد ادريس، سپاهي بادام گل، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خيبر??خت??نخواهه جي سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ سرزمين جي بهادر فرزندن دهشتگردن کي ماريندي پنهنجي جان ملڪ جي مٽيءَ تي نڇاور ڪئي، پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.