اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي آهي، ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مان پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجر ي جي شروعات تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مان الله تعاليٰ جي حضور دعاڳو آهيان ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. هن چيو ته محرم الحرام کي اسلامي تاريخ ۾ خاص اهميت ۽فضيلت حاصل آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ محرم الحرام ۾ عبادتن کي خاص فضيلت حاصل آهي. هن مهيني ۾ الله تعاليٰ هر قسم جي فتني کان منع فرمائي بندگي جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ جي تلقين فرمائي آهي. نئين سال جي شروعات ۾ اسان کي گناهن کان بچڻ، بارگاهه الاهي ۾ توبه ڪرڻ ۽ دين اسلام جي تعليم تي غور ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته هي مهينو دين جي سرفرازي خاطر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني جي ياد به تازه ڪري ٿو ۽ اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏئي ٿو ته دين جي سر بلندي خاطر جدوجهد ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس ساٿين ظلم ۽ طاغوتي طاقتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اوهان ۽ اوهان جا ??اٿي ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ۾ قرباني ۽ استقامت سبب امر ٿي ويا آهن. هي مهينو اسان کي خدا پاڪ جي خوشنودي، ظلم خلاف ڄمي بيهڻ ?? حق جي فتح خاطر وڏي کان وڏي مصيبت جي باوجود ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته نئون اسلامي سال اسان کي پنهنجي زندگين ۽ طرز عمل تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اسلامي تعليم موجب اختيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان کي پنهن??ي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ۽ دين جي صحيح تعليم بابت فهم ۽ شعور پيدا ڪري ٿو. اسان سڀني کي گهرجي ته اسان پنهن??ي اندر اخوت، صبر ۽ برداشت جون خصوصيتون پيدا ڪيون ۽ گڏيل اختلافن کي وساري قومي يڪجهتي ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون. مان الله پاڪ جي حضور ۾ دعاڳو آهيان ته هو ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي آفتن کان محفوظ فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجون زندگيون اسلامي اصولن مطابق بصر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين.