اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ??ئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن، بجيٽ ۾ آءِ ??ي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??نگ پارليامينٽرينز جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اس??مبلي ميمبرن راجا اسامه سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، احمد عتيق انور، نوشين افتخار، راڻا ارادت شريف خان، محمد عثمان اويسي، عمار احمد خان ??غاري، ڊاڪٽر شائسته خان، زينب بلوچ، سعد وسيم، شاهد عثمان شامل هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي عوام جي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اميد آهي ته توهان ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا، اسان ??ئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. هن چيو ته قابل شاگردن کي حڪومت پاران ??يپ ٽاپس فراهم ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ آءِ ??ي جي شعبي جي فروغ جي لاءِ اٽڪل 100 ارب جا فنڊز رکيا ويا آهن جيڪو تاريخي قدم آهي، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارن ۾ سڌارن ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪ??ري حڪومت جون ترجيحون آهن جنهن سان ??لڪي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهبو. هن چيو ته پاڪستان ??لسطين جي مظلوم مسلمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي ج??ري رکي آهي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.