اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل معيشت جي ??اڌويجهه جي ??دفن، سالياماني منصوبابندي 25 – 2024ع بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، پنج سالا ترقياتي منصوبي، پائيدار ترقي جي ??دفن ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقياتي بجيٽ ۾ ترجيح ڏيڻ جي ??دمن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي ترقي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي جي ??اءِ موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي، معيشت جي حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ وفاق صوبن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت کي يقيني بڻائيندو، زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿي، زرعي ترقي جي ??اءِ صوبن سان مشاورت اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وف??قي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، پنجاب جي ??زيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير علي امين گنڊاپور، بلوچستان جي ??ڏي وزير سرفراز خان بگٽي، پنجاب جي ??نصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير مريم اورنگزيب، سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو، خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير جي صلاحڪار مزمل اسلم، بلوچستان جي ??نصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ظهور احمد بليدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ وف??قي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي جي ??اءِ حڪومت موجوده وسيلن جو بهترين استعمال يقيني بڻائيندي. هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ وفاق صوبن ۽ ڌرين سان مشاورت يقيني بڻائيندو ته جيئن ملڪي ترقي جي ??اءِ گڏيل بصيرت جي ??تيجي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا وڃ?? جيڪي مثبت هجن ۽ سڀني جي رضامندي شامل هجي، قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلن جو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن کي معيشت جي بحالي جي ??اءِ اهم فيصلن جي ??اءِ استعمال ڪنداسين. اجلاس ۾ ڪائونسل گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ دهشتگرد?? جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس شهيد ۽ ٻين فوجي جوانن جي ??غفرت جي ??اءِ ۽ انه?? جي گهرڀاتين جي ??اءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ??اءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ??دايت پڻ ڪئي. ڪميٽي صوبن ۽ ٻين ڌرين سان تفصيلي مشاورت سان نه رڳو قومي اقتصادي ڪائونسل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ پر ان کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ??اءِ تجويزون جوڙيندي. ڪائونسل کي 24 – 2023ع جي سالياني ترقياتي منصوبي ۽ ڪارڪردگي ۽ 25 – 2024ع جي تجويز ڪيل ترقياتي منصوبي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جي ??اءِ واڌويجهه جي شرح جي ??دف ۾ واضح اضافو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿي، زراعت جي ترقي جي ??اءِ صوبن سان مشاورت انتهائي اهم آهي، يقيني بڻايو وڃي ته زراعت ۽ ٻين شعب?? جي حوالي سان صوب?? جي تجويزن کي پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪائونسل معيشت جي ??اڌويجهه جي شرح جي ??دفن، سالياني منصوبابندي 25 – 2024ع بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، Annual Plan 2024 – 25 جي اشاعت ۽ وزارتن، صوبن ۽ خصوصي ادارن کي ان منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائونسل کي تيرهين پنج سالا ترقياتي منصوبي تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي ??دفن ۾ ملڪ جي ??ر خطي خاص طور تي پٺتي پيل علائق?? جي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي ??روغ، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، ناليج اڪانومي جي رخ ۾ ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ضر اثرن کان بچاءُ جي ??اءِ حڪمت عملي شامل آهي. ڪائونسل منصوبابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته صوبن کي قومي معيشت ۾ مثبت ڪردار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي ??اءِ مختلف شعبن ۾ واضح هدفن تي هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪ??ي وڃي. وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته معيشت جي ??جموعي واڌويجهه جي شرح جي ??دف کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ صوبن کي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي ??اءِ شروعات اهم شعبن مثال طور زراعت کان ڪئي وڃي. ڪائونسل کي معيشت جي بحالي ۽ ملڪي ترقي جي ??اءِ قومي هدفن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برآمدي مصنوعات جي تياري، زراعت جي جدت، مصنوعي ذهانت ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي، پائيدار قابل تجديد توانائي، پاڻي جي ذخيرن جو موثر استعمال، نوجوانن ۽ عورت?? جي ترقي ۽ سي پيڪ جي ??ئي مرحلي تي موثر ۽ جلد عملدرآمد جهڙا قدم ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪي معيشت جي ترقي يقيني بڻائيندا. ڪائونسل تيرهين پنج سالا ترقياتي منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائونسل 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ جو جائزو ۽ 25 – 2024ع جي ترقياتي بجيٽ جا تجويز ڪيل انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا. ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ ترقياتي بجيٽ ۾ سي پيڪ جي ??نصوبن، عالمي سيڙپڪاري جي ??نصوبن، پڄاڻي ويجهو جاري منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. ان کانسواءِ پائيدار ترقي جي ??دفن (ايس ڊي جيز) کي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقياتي بجيٽ ۾ ترجيح ڏني ويندي. ڪائونسل ڄاڻايل قدمن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. ڪائونسل کي سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) جي ??هرين اپريل 2023ع کان پهرين مئي 2024ع جي ڪارڪردگي تي رپورٽ پڻ پيش ڪ??ي وئي.