اسلام آباد – 9 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيور??ي فورسز جي گاڏي جو بارودي سرنگ سان ٽڪرائڻ واري واقعي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت واقعي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن لاءِ ب??ند درجن جي دعا ڪئي. صدر مملڪت سيڪيور??ي فورسز تي پاڻ مرادي بم جي ذريعي دهشتگردن جي حملي جي مذ??ت ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن ۽ شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ڪندي. صدر مملڪت شهيدن جي جذبي حب الوطني ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي پوئينرن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.