ملتان – 24 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني کي ملتان شهر ۾ جاري ترقيات?? منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن رٽائرڊ رضوان قدير کيس ملتان ۾ جاري ترقيات?? منصوبن بابت ٻڌايو. وقتي صدر کي ٻڌايو ويو ته ملتان ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ راندين سميت ٻين شعبنجي بهتري ج?? منصوبن تي ڪم جاري آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته شهر ۾ نواب پور روڊ، نادر آباد فلائي اوور، متي تل روڊ کان ڪبير والا روڊ، شير شاهه روڊ، هاڪي اسٽيڊيم ۽ عورتن جي يونيورسٽي ??ا تعميرات?? منصوبا تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهن. جڏهن ته 27 ڪروڙ لاڳت جو 5 ڪلو ميٽر ڊگهو نواب پور روڊ 15 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. وقتي صدر انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ?? ان دو??ان مالي يا فني رڪاوٽن بابت مطلع ڪيو وڃي ته جيئن وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ سان ڳالهه ڪري انهن کي ختم ڪري سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان سدائين ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ علائقي ??ي خدمت ڪئي آهي. عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ اسان جو مشن آهي. ان موقعي تي سي پي او صادق علي امن امان ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ملتان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تمام بهتر آهي ۽ وڌيڪ قدمن سان ڏوهن جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي آندي ويندي. ان موقعي تي ايم ڊي واسا چوڌري محمد دانش، ايڪسن هاءِ وي غلام نبي سميت مقامي انتظاميا جا اعليٰ آفيسر موجود هئا.