اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازب??ست??ن جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ س??احتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازب??ست??ن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ س??احت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پا??ست??ن ڀائر ملڪ ازب??ست??ن سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پا??ست??ن علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پا??ست??ن جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽ?? ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تج??يزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازب??ست??ن جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.