اسلام آباد- 29 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي ايندڙ وز??ر اعظم جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب نئين وز??ر اعظم جي چونڊ هاڻي 03 مارچ آچر تي ٿيندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ م??ابق وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذات ڇنڇر 2 مارچ 2024ع تي منجهند جو 02 وڳي ڪرائي سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات قومي اسيمبلي جي قانون سازي واري شعبي مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات جي جانچ پڙتال ساڳئي ڏينهن منجهند جو 03 وڳي تائين عمل ۾ آندي ويندي. وز??ر اعظم جي چونڊ اوپن ڊويزن ذريعي ٿيندي.