اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ??دارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي ??فارش تي ايئر ڪموڊور محمد عاطف هاشم جي ٽيڪنيڪل پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس بورڊ ۾ ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو 19 جولاءِ 2023ع کان لاڳو هوندو. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي نادرا جي ??رڊر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل ڪيٽيگري اي جي ??ڊٽ فرم جي ??دمتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کليل واڪن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان فيصلي سان وفاقي ڪابينا جي 2019ع جي ڪيل فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن موجب نادرا جي ??ڊٽ جي لاءِ رڳو 4 وڏين ۽ مشهور آڊٽ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري سگهيون پئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نادرا جي ??ڊٽ کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عالمي معيار موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رجسٽرڊ سڀئي آڊٽ فرمز کي نادرا جي ??ڊٽ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ??فارش تي ”سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان“ جي منصوبي کي بطور قومي ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (nCERT) چونڊڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان جو منصوبو قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ ان تي ڪم اڳ کان جاري آهي. وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ??وشني ۾ سي ڊي اي ملازمن کي پلاٽن جي ??لاٽمينٽ پاليسي پيش ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب سي ڊي اي کي ان ڳاله?? جو تعين ڪرڻو هو ته ملازمن کي رعايتي اگهن تي پلاٽ ڏيڻ سان سي ڊي اي جي ??مدني ۾ ڪهڙو فرق ايندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پلاٽن جي ??لاٽمينٽ ۾ قيمتي زرعي زمين جو استعمال ڪرڻ بدران وڏين عمارتن جي ??عمير تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ۽ جلد کان جلد ان ڏس ۾ پاليسي جوڙي وڃي. ڪابينا الاٽمينٽ جي پيش ڪيل پاليسي تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي ??فارش تي ايڊاپٽيشن ايڪٽ جي ??يڪشن 5 (2) ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت ان سيڪشن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي ??ڳهه آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي پاران موبائيل فون نيٽ ورڪ اسپيڪٽرم جي لائيسنس فيس ۽ تجديد فيس آزاد حڪومت رياستي ڄمون ۽ ڪشمير کي منتقل ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا پرائيويٽائيزيشن ڪميشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع ??ي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 جنوري ۽ 7 فيبروري 2024ع ??ي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪري ڇڏي.