اسل??م آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان ??لگ?? بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن ص??بن ۾ ??لگ?? بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف ??لگ?? بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته ??لگ?? بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان ??لگ?? بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??لگ?? بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن ص??بن ۾ ??لگ?? بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته ??لگ?? بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگران و??يراعظم رائل فائونڊيشن آف ??لگ?? بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگران و??يراعظم کي ??لگ?? بلتستان جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگران و??يراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ??لگ?? بلتستان ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.