اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوا??ي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مض??وط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوا??ي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعلي??ي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مض??وط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مض??وط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سي??حت?? اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.