اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته پاڪستان آئين تحت وفاقي پارلياماني جمهوري ملڪ آهي ۽ قوم جو گڏيل اتفاق آهي ته ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت ئي هلندو، نظام ۾ بهتري جي گنجائش سدائين موجود رهي ٿي، جمهوريت جو نظام عوام جي لاءِ آهي ۽ عوام وٽ چو??ڊيل نمائندن کي جوابده بڻائڻ جو اختيار هجڻ گهرجي، رياستي عملداري سان سوشل ميڊيا تي بي بنياد پروپئگنڊه جو مقابلوڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چوند ضابطه اخلاق: ميديا سميت ڌرين جو اخلاقي طرزعمل“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چو??ڊ عمل بابت مثبت عوامي رويو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته اليڪشن ڪميشن ميڊيا جي لاءِ هڪ ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي جيڪو اردو ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ موجود آهي، مين اسٽريم ميڊيا بشمول ٽي وي چ??نلز ۽ اخبارون پنهنجي نيوز رومز ۾ ان ضابطه اخلاق کي ضرور رکن ۽ پنهنجي اينڪرز ۽ رپورٽرز کي پڻ فراهم ڪن، جيڪڏهن ان ضابطه اخلاق بابت ڪي سوال آهن ته اهي اليڪشن ڪميشن کان پڇي سگهجن ٿا. هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن عام چو??ڊون ٿي رهيون آهن، چو??ڊن جي حوالي سان ڪيترن ئي ماڻهن قياص آرائيون، غلط فهميون ۽ غلط معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن کي سرديءَ جي موسم ۽ ڪنهن کي سيڪيورٽي جي ڪري اليڪشن ملتوي نظ?? آيا. هن چيو ته 17 آگسٽ 2023ع کانپوءِ نگران حڪومت جو مسلسل اهو ئي موقف رهيو آهي ته چو??ڊون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي ٿينديون ۽ جڏهن چو??ڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته ان کانپوءِ هر فلور تي مستقل مزاجي سان وفاقي حڪومت جو موقف پيش ڪيو ته چو??ڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هن چيو ته ضابطه اخلاق جي حوالي سان اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ماڻهن جي اندر چو??ڊ عمل بابت مثبت رويو جوڙيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف طرح جا سياسي نظام آهن، اسان جي ملڪ 1973ع جي آئين ۾ طئي ڪيو ته هي ملڪ پارلياماني وفاقي جمهوري نظام تحت هلندو، ان جي اندر مختلف تبديليون ۽ ترميمون ڪري ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ٿي ۽ اڃا تائين قوم جو گڏيل اتفاق اهو ئي آهي ته هي ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت ئي هلندو. هن چيو ته جمهوري نظام عوام جي لاءِ آهي، عوام ۽ جمهوريت جي وچ ۾ تعلق کي سمجهڻ ضروري آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته 18 هين ترميم جي اندر آرٽيڪل 224 ۾ ترميم ڪري نگران حڪومتن جو نظام ڏنو ويو، گذريل ڏينهن نگران سيٽ اپ تي تنقيد ڪئي وئي پر ان نظام ۾ تبديلي جو رستو به پارليامينٽ ئي آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي پارلياماني نظامن ۾ متناسب نمائندگي جو نظام هوندو آهي، اهڙي طرح پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽون به هڪ متناسب فارمولي تحت ئي جوڙيون وڃن ٿيون. ري ڪال اليڪشن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن عوام ڪنهن نمائندي کي چو??ڊيو آهي ته عوام وٽ اختيار هجڻ گهرجي ته اها پنهنجي چو??ڊيل نمائندي کي جوابده بڻائي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چ??و ته ري ڪال اليڪشن سڀ کان اڳ يونان ۾ شروع ٿي ۽ هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو نظام موجود آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته مين اسٽريم ميڊيا خاص طور تي ٽي وي چ??نلز جي لاءِ ريگيوليٽر اٿارٽي پيمرا موجود آهي ان لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان ان جون ايتريون شڪايتون نه آهن. هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج ڊيجيٽل فرنٽيئر تي آهي جتي مسئلا موجود آهن، خدشو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا تي ري جنريٽو آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊيپ فيڪ، پروپئگنڊه، روبو ڪالز، آٽوميٽيڊ ٽرولز فارمز اليڪشنز کي متاثر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته چو??ڊن ۾ وقت گهٽ رهجي ويو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل فرنٽيئر تي ڪجهه قوتون پاڪستان جي اندر عدم استحڪام ۽ افراتفري چاهين ٿيون، اسان کي اهڙين قوتن جي ارادن بابت هوشيار رهڻو پوندو، پي ٽي اي،ايف آءِ اي، اطلاعات واري وزارت سميت رياستي ادارا انهن خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قوم جو گڏيل اتفاق آهي ته هي ملڪ انهن جا چو??ڊيل نمائندا هلائيندا ۽ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام سان ئي ملڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته اسان جو مقصد 8 فيبروري جي چو??ڊن کي پرامن طريقي سان منعقدڪرڻ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن افراتفري کانسواءِ چو??ڊون ٿين ۽ عوام وڏي پئماني تي پنهنجي پسند جي پارٽين ۽ اميدوارن کي ووٽ ڏي.