اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قطر ??ان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيرا??ظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب پاڪستان ۾ قطر ??ي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيرا??ظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ قطر ??ي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيرا??ظم قطر ??ي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيرا??ظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قطر ??ميت نار ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن قطري سفير کي چيو ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيرا??ظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر ??ي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيرا??ظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي م??ڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.